ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته رياست خلاف ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو.ڪراچي ۾ پاڪستان يڪجهتي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ملڪ ۽ قوم جي سلامتي ۽ استحڪام پاڪ فوج جي طاقت ۾ آهي.سنڌ جي گورنر چيو ته پاڪستان جي رياست قائداعظم محمد علي جناح جي رهنما اصولن تي قائم رهندي.










