لاهور(ويب ڊيسڪ)وزيراعليٰ پنجاب جي سڌ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته قانون جي پاسداري هر شهري تي لازم آهي ۽ رياست اندر رياست قائم ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.فردوس عاشق لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڳالهين واري ٽيم جيڪي شيون رکيون ۽ پلان فائنل ڪيو آهي اهي شيئر ڪيا ويندا.هن چيو ته هي انتهائي حساس معاملو آهي، اسان مستقل حل ڪاڻ اڳتي وڌنداسين، معاهدي جي شقن جي هنن کي خبر آهي پر اعلان هنن جو استحقاق ناهي.هن چيو ته قانون کي هٿ ۾ کڻڻ وارن لاءِ قانون حرڪت ۾ ايندو جڏهن ته جٿن جي حملن ۾ ذاتي بچاءَ دوران جيڪڏهن ڪو واقعو ٿيو آهي ته اهو عوام جي جان توڙي مال لاءِ ٿيو آهي تنهن ڪري نقصان جو ازالو ڪيو ويندو.










