روپي جي مقابلي ۾ ڊالر جي تيز اڏام جاري،18 پئسا مهانگو

روپي جي مقابلي ۾ ڊالر جي تيز اڏام جاري،18 پئسا مهانگو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)رپئي جي مقابلي ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي. اڱاري ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ به اضافو ڏٺو ويو، انٽر بينڪ سطح تي آمريڪي ڊالر جي قيمت 18 پئسا مهانگي سان 230 رپيا ٿي وئي.انٽر بئنڪ ايڪسچينج مارڪيٽ ۾ ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي آمريڪي ڊالر جي قيمت 229 رپيا 82 پئسا هئي. انٽر بئنڪ ۾ 12 سيپٽمبر تائين ڊالر جي قيمت ۾ 11 رپيا 7 پئسا واڌ ٿي چڪي آهي ۽ اها واڌ اڄ به جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو