روٽري ڪلب ۽ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن  ۾ اسڪول حوالي ڪرڻ جو معاهدو

روٽري ڪلب ۽ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۾ اسڪول حوالي ڪرڻ جو معاهدو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) روٽري ڪلب آف ڪراچي نيڪسز ۽ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن وچ ۾ هڪ معاهدي تحت روٽري ڪلب ڪراچي نيڪسس پي آءِ بي پرائمري اسڪول سينٽرل جيل کي گود وٺي ڇڏيو. اسڪول جي تعمير جو ڪم جلد شروع ڪيو ويندو جڏهن ته جيل ۾ قائم اسڪول کي جديد طرز تي تعمير ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ روٽري ڪلب آف ڪراچي نيڪسز جي سهڪار سان پي آءِ بي پرائمري اسڪول سينٽرل جيل جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن جو مهمان خاص روٽري انٽرنيشنل جو ڊائريڪٽر محمد فيض قدوائي هو. اڳوڻي صدر روٽري ڪلب آف ڪراچي نيڪسز 22-2021 محمد علي حيدر اسڪول جي حوالي سان بريفنگ ڏني، ان موقعي تي ڊي آءِ جي جيل ناصر خان پڻ موجود هو. ان موقعي تي آءِ جي جيل قاضي نذير چيو ته اسان کي اميد آهي ته روٽري ڪلب آف ڪراچي نيڪسز جي ڪوششن سان جيل ملازمن جي ٻارن جو مستقبل روشن ٿيندو. آءِ جي جيل 2 سال اڳ روٽري جي اڳوڻي صدر محمد علي حيدر کي اسڪول ڊولپمينٽ ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي. هن چيو ته سٽي اسڪول ۽ بيڪن هائوس جا ماسٽر ٽرينر مقرر ڪري هن اسڪول کي جديد طرز تي ترقي ڏينداسين ۽ جديد نصاب تيار ڪري هڪ ماڊل اسڪول بڻائينداسين ۽ ڪوشش ڪنداسين ته جيل جي ملازمن جي ٻارن کي به اهي ئي سهولتون ملن. روٽري ڪلب ڪراچي آف نيڪسز 23-2022 جي صدر سيد خرم انيس پنهنجي ان عزم کي ورجايو ته هو هڪ سال اندر هن اسڪول کي فعال بڻائيندو، محمد علي حيدر جي ويزن موجب هن اسڪول کي جديد خطوط تي استوار ڪيو ويندو. جنيد حامد چيو ته اسان تعميراتي ڪم جي منصوبابندي شروع ڪري ڇڏي آهي. ان موقعي تي ڪوثر اسلم، اسلم خالق، ايجوڪيشن روشن افضل، عروج، شانزي حيدر، شازيه ايڊواڻي، زاهد حميد، جاويد زيدي ۽ ڊاڪٽر خالد شيخ ۽ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جا عملدار پڻ موجود هئا. محمد فيض قدوائي ڊائريڪٽر روٽري انٽرنيشنل مستقبل ۾ هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو. تقريب ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي نمائندگي ريجنل ڊائريڪٽر دلشاد ڪئي.روٽري ڪلب آف ڪراچي نيڪسز ۽ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن وچ ۾ هڪ معاهدو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو