رونالڊو هڪ ٻيو سنگ ميل عبور ڪري ورتو

رونالڊو هڪ ٻيو سنگ ميل عبور ڪري ورتو

رياض (ويب ڊيسڪ)دنيا جي مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو ليگ ۾ 500 گول مڪمل ڪري هڪ ٻيو سنگ ميل عبور ڪري ورتو آهي.ڪرسٽيانو رونالڊو سعودي ليگ ۾ کيڏيل ميچ جون ڪجهه تصويرون سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي شيئر ڪيون آهن.ڪرسٽيانو رونالڊو تصويرن سان گڏ پيغام ۾ لکيو ته فتح سان ليگ ۾ 500 گول مڪمل ڪرڻ جو احساس ئي ڪجهه ٻيو آهي.واضح رهي ته سعودي ليگ ۾ گذريل ڏينهن کيڏيل ميچ ۾ النصر الوحده کي 4-0 تان شڪست ڏني هئي.هن ميچ جي خاص ڳالهه اها هئي ته چارئي گول ڪرسٽيانو رونالڊو ڪيا.پرتگال جي ڪپتان ڪرسٽيانو رونالڊو ڪلب ليگ ۾ ڪل 503 گول اسڪور ڪيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو