روس مان آيل تيل 15 ڊالر سستو آهي: وزيراعظم

روس مان آيل تيل 15 ڊالر سستو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته روس مان ايندڙ تيل عالمي مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ 15 ڊالر سستو آهي. راولپنڊي اسلام آباد ۾ ترقياتي منصوبن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گذريل حڪومت ڪوڙ ۽ پروپيگنڊا ڪري قوم جو وقت ضايع ڪيو، گذريل حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدو ٽوڙي معيشت جو ٻيڙو غرق ڪيو. آءِ ايم ايف جون سموريون شرطون قبول ڪري ورتيون آهن ۽ اميد آهي ته آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿي ويندو.هن چيو ته سندس بند پيل ترقياتي منصوبا اڄ پڄاڻي تي پهچن ٿا، سيپڪو، امپورٽ حڪومت جا ڪوڙ حقيقتن کي دفن ڪري ڇڏيا آهن، اسان بيوقوفيءَ سان ڪا به شيءِ خريد نه ڪئي، روس کان تيل خريد ڪرڻ جا معاملا حل ڪيا، روس کان تيل اچي رهيو آهي. عالمي مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ 15 ڊالر سستو آهي.وزيراعظم چيو ته چيئرمين پي ٽي آءِ الزام هنيا، ڪرپشن جو ڪو ثبوت نه ڏنو، جيڪڏهن پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف ڪيس ڪوڙا آهن ته پوءِ عدالت وڃي کيس بيگناهه ثابت ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو