غزه (ويب ڊيسڪ)غزه جي شهر رفح ۽ صبرا ۾ اسرائيلي بمباري ۽ شيلنگ ۾ 11 فلسطيني شهيد ٿي ويا.عرب ميڊيا موجب اسرائيل غزه جي شهر رفح ۾ وڏي بمباري ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ 8 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن.مرڪزي رفح ۾ اسرائيلي بمباري ۾ رهائشي عمارتن کي نشانو بڻايو ويو آهي.ان دوران غزه شهر جي الصبرا واري علائقي ۾ اسرائيلي فائرنگ ۾ 3 فلسطيني شهيد ٿي ويا.ٻئي طرف غزه جي الشفا اسپتال ۾ غذائي کوٽ سبب 2 مهينن جو ٻارڙو فوت ٿي ويو.الشفا اسپتال ۾ کير ۽ بنيادي شيون نه ملڻ سبب ٻارڙو فوت ٿي ويو.










