راڻا ثناءُ الله جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

راڻا ثناءُ الله جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) گوجرانوالا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي اڄ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست خارج ڪندي ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ اي ٽي سي جي جج راڻا زاهد اقبال خان جاري ڪيا.عدالت پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته راڻا ثناءُ الله کي گرفتار ڪري 28 مارچ تي پيش ڪيو وڃي.واضح رهي ته 24 فيبروري تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت گجرات جي ٿاڻي انڊسٽريل ۾ داخل هڪ ڪيس ۾ وفاقي گهرو وزير جا ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا ۽ پوليس کي کيس 7 مارچ تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.اڄ راڻا ثناءُ الله طرفان سندس وڪيل ايڊووڪيٽ عبدالماجد عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڪندي چيو ته راڻا ثناءُ الله سرڪاري مصروفيتن سبب عدالت ۾ پيش نٿو ٿي سگهي، هو ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿي ويندو.عدالت درخواست خارج ڪندي ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

پهنجو تبصرو موڪليو