اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته راڻا ثناءُ الله کي مون جيل ۾ ناهي وڌو. کيس اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) ڳجهي اطلاعن جي بنياد تي گرفتار ڪيو.اسلام آباد جي عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صحافي سوال ڪيو ته توهان راڻا ثناءُ الله کي جيل ۾ وڌو هو، ڇا هاڻي اهي سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهن؟ان تي شهريار آفريدي چيو ته واضح آهي ته راڻا ثناءُ الله کي جيل مان نه ناهي وڌو. ميجر جنرل جي سربراهي ۾ اينٽي نارڪوٽڪس فورس، اي اين ايف راڻا ثناءُ الله کي ڳجهي اطلاع تي گرفتار ڪيو. راڻا ثناءُ الله خلاف اي اين ايف وٽ سڀ ڪجهه هو، مون ڪڏهن به ڪنهن سان بدتميزي نه ڪئي.تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته رياست هڪ ماءُ آهي ۽ ماءُ ٻارن کي نه ڊاهيندي آهي. الله رکي منهنجي ڌرتي ماءُ، جيڪڏهن تون سچ تي آهين ته تنهنجي لاءِ رب ئي ڪافي آهي.پارٽي ڇڏيندڙن بابت ڪجهه نه چوندس، الله ئي ڄاڻي ٿو ته ڪهڙي حالت ۾ ماڻهو پارٽي ڇڏي ويا، هي آزمائشون اينديون، الله اسان سڀني کي سرخرو ڪري.










