پنڊي: فيڪٽري ۾ لڳل باهه تي ضابطو نه آيو ، عمارت ڪرڻ جو خدشو

پنڊي: فيڪٽري ۾ لڳل باهه تي ضابطو نه آيو ، عمارت ڪرڻ جو خدشو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي جي راوت انڊسٽريل ايريا ۾ هڪ فيڪٽري ۾ لڳل باهه تي 15 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود به ضابطو نه اچي سگهيو، 20 فائر ٽينڊر باهه تي ضابطو آڻڻ ۾ مصروف آهن.ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته شديد باهه سبب عمارت جي ڪري تباهه ٿيڻ جو خطرو آهي.باهه لڳڻ جا سبب اڃا تائين ظاهر نه ٿيا آهن.ڊي سي راولپنڊي جو چوڻ آهي ته ٽيمن جي بروقت روانگي سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو