راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي جي قاسم آباد علائقي ۾ جرڳي دوران فائرنگ جي واقعي ۾ ٽي ماڻهو مارجي ويا.پوليس اختيارين موجب، جرڳو گهريلو تڪرار حل ڪرڻ لاءِ منعقد ٿي رهيو هو ته فائرنگ جو واقعو پيش آيو.فائرنگ ۾ ٽي ماڻهو مارجي ويا ۽ هڪ شخص زخمي ٿيو.پوليس موجب، مارجي ويلن ۾ ٻه عورتون ۽ هڪ مرد شامل آهن، جڏهن ته هڪ 48 سالن جو مرد ۽ سندس ٻه زالون مارجي ويون.اختيارين چيو ته واقعي جي جاچ جاري آهي.










