4  مهينن کانپوءِ ملڪ جو وزيراعظم بلاول هوندو: مراد  شاهه

4 مهينن کانپوءِ ملڪ جو وزيراعظم بلاول هوندو: مراد شاهه

ڌاٻيجي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه دعويٰ ڪئي آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 4 مهينن کانپوءِ ملڪ جو وزيراعظم هوندو. ڌاٻيجي اڪنامڪ زون جي تقريب سان خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته بلاول ڀٽو جي وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ ڪراچي کي بدترين شهر قرار ڏيندڙ اڪنامسٽڪ ان کي بهترين شهر قرار ڏيندو. هن چيو ته اڪنامسٽ جي اڪنامڪ انٽيليجنس يونٽ ڪراچي کي ئي پنهنجي رپورٽ ۾ شامل ڪرڻ جي لائق سمجهيو، ملڪ جو ڪو ٻيو شهر ان رپورٽ ۾ شامل ناهي. سندس چوڻ هو ته اڪنامسٽ جي ان ئي رپورٽ ۾ تعليم ۽ صحت جي معاملي ۾ ڪراچي هيٺئين درجي جي ڪيترن ئي شهرن کان گهڻو مٿي آهي. سي پيڪ راهداري منصوبي جو آئيڊيا چين کان به اڳ آصف علي زرداري ڏنو هو، سي پيڪ جي اقتصادي زونز جو تصور به آصف زرداري ڏنو،آصف زرداري جي هدايتن تي بيجنگ ۾ اسان ڌاٻيجي اقتصادي زون جي تجويز پيش ڪئي،وڏي وزير چيو ته چين جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر پاڻ اعتراف ڪيو ته سي پيڪ جو تصور آصف علي زرداري ڏنو هو، آصف زرداري ڌاٻيجي اقتصادي زون جي تجويز 2016 ۾ ڏني، وفاقي سرڪار مهينو اڳ ان جي منظوري ڏني

پهنجو تبصرو موڪليو