اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسان ذميوار ايٽمي طاقت آهيون ۽ سمورن ملڪن سان امن چاهيون ٿا، 23 مارچ جي تقريب کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اڄوڪي ڏهاڙي تي تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي خراج عقيدت پيش ڪندي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ملڪ جي آزادي ۽ خودمختياري کي هميشه لاءِ قائم رکيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان جو مقصد هڪ جديد اسلامي فلاحي رياست جو قيام هو، هڪ اهڙي رياست جيڪا اسلامي اصولن تي ٻڌل اعتدال پسند ۽ رواداري واري سماج جو عملي نمونو پيش ڪري، اهڙي رياست جتي اقليتن کي به جان ۽ مال جو تحفظ ۽ مذهبي آزادي حاصل هجي. برابري، قانون ۽ انصاف جي حڪمراني هجي. هن چيو ته اسان ان عهد جي تجديد ڪريون ٿا ته باني پاڪستان جي خواهشن موجب جديد اسلامي فلاحي جمهوري رياست جي حصول لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين. پاڪستان جي صدر چيو ته اسلامي دنيا وڏين آزمائشن کي منهن ڏئي رهي آهي، فلسطين ۽ ڀارت جي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ماڻهن تي ظلم ٿي رهيو آهي، دنيا ۾ اسلام فوبيا جي وڌندڙ لهر مسلمانن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اسان جا لکين افغاني ڀائر بک ۽ بدحالي جو شڪار آهن. هن چيو ته اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ۽ پاڪستان عالمي سطح تي اسلام فوبيا جي روڪٿام لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون آهن، گڏيل قومن او آءِ سي جي طرفان پاڪستان جي پيش ٺهراءَ جي منظوري ڏني آهي. پاڪستان جي صدر چيو ته قرارداد ۾ ان ڳالهه کي ورجايو ويو آهي ته اسلام فوبيا، توهين مذهب ۽ مسلمانن خلاف نفرت انگيز تقرير دنيا لاءِ وڏو چيلينج آهي، هاڻي هر سال 15 تي اسلامو فوبيا سان مقابلو ڪرڻ لاءِ عالمي ڏينهن ملهايو ويندو، دنيا ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته اسلام فوبيا جو هميشه لاءِ خاتمو ڪيو وڃي. هن چيو ته اسان آزادي جي تحفظ لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن، اسان ذميوار ايٽمي طاقت آهيون ۽ سمورن ملڪن سان امن چاهيون ٿا، اسان اندروني ۽ بيروني سازشن تي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن ۽ حاصل ڪندا رهنداسين. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان جا سمورا ادارا جمهوريت جي مضبوطي ۽ قانون جي حڪمراني چاهين ٿا.










