دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران خان جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي

دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران خان جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي

اسلام آباد(بيورو) دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. عمران خان خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت عورت ايڊيشنل سيشن جج کي ڌمڪيون ڏيڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان عبوري ضمانت حاصل ڪري ورتي.پي ٽي آءِ چيئرمين جي پيشي جي موقعي تي فيڊرل جڊيشل ڪمپليڪس جي چوڌاري سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن، ڪمپليڪس جي آس پاس جا رستا بند ڪيا ويا آهن ۽ غير مجاز ماڻهن کي عمارت ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ناهي ڏني وئي. عمران خان جي گاڏي کي جڊيشل ڪمپليڪس جي احاطي ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو، جنهن سبب پي ٽي آءِ چيئرمين پي ٽي آءِ جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پهتو.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج راجا جواد عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ بابر اعواڻ دليل ڏنا.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جي 3 ڏينهن جي ضمانت منظور ڪندي کيس 25 آگسٽ تائين لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف مارگلا ٿاڻي ۾ دهشتگرديءَ جي دفعات تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو