ڪابل ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني وفد عبوري افغان حڪومت جي اختيارين سان سيڪيورٽي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ ڪابل پهچي ويو آهي.پرڏيهي آفيس طرفان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته بچاءُ واري وزير جي اڳواڻيءَ ۾ اعلي سطحي وفد ڪابل پهتو آهي جيڪو افغانستان جي عبوري حڪومت سان سيڪيورٽي توڙي دهشتگردي جي خاتمي بابت مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو.افغان وزيراعظم جي آفيس مان جاري ڪيل تصويرن ۾ پاڪستاني وفد کي معاشي مامرن واري نائب وزيراعظم عبدالغني سان اجلاس ۾ ڏسي سگهجي ٿو. تصويرن ۾ خواجا آصف، ڊي جي آءِ ايس آءِ نديم انجم، پرڏيهي سيڪريٽري اسد مجيد خان ۽ افغانستان لاءِ پاڪستان جو جو خاص نمائندو محمد صادق نظراچي رهيا آهن. افغان وزيراعظم جي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو ته آهي ته نائب وزيراعظم عبدالغني آخوند اربع تي پاڪستاني بچاءَ واري وزير خواجا آصف جي سربراهي ۾ هڪ اعليٰ سطحي وفد جي آجيان ڪئي.افغان ڪائونسل آف منسٽرز ( وزيراعظم ) طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته دوري دوران معاشي سهڪار، علائقي رابطن، واپار ۽ ٻه طرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.بيان موجب عبدالغني بردار وفد کي چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان پاڙيسري ملڪ آهن ۽ انهن جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا هئڻ گهرجن، افغانستان ۽ پاڪستان سان تجارتي ۽ واپاري لاڳاپا وڌائڻ چاهي ٿو، اهڙي قسم جا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهن.










