دهشتگردي جو خطرو ڪينٽ اسٽيشن جا واڪ ٿرو گيٽ  غير فعال

دهشتگردي جو خطرو ڪينٽ اسٽيشن جا واڪ ٿرو گيٽ غير فعال

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن باوجود ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن تي لڳايل ڪيترائي واڪ ٿرو گيٽس ناڪاره ٿي ويا آهن.ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن تي هڪ طرف ٽرين اندر ڌماڪيدار مادو ڳولڻ ۽ چڪاس ڪرڻ وارو نظام اڻلڀ آهي ته ٻئي طرف مسافرن جي سامان جي چيڪنگ جو به ڪو انتظام ناهي.اسٽيشن جا سيڪيورٽي اهلڪار به مسافرن جي سامان جي چڪاس ڪرڻ بدران پنهنجي ڪمن ۾ مصروف نظر اچن ٿا.ڪينٽ اسٽيشن جي سڪيورٽي کي غير موثر قرار ڏيندي شهرين مطالبو ڪيو آهي ته اسٽيشن جي داخلا ۽ نڪرڻ جا دروازا ۽ واڪ ٿرو گيٽ وڌايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو