دنيا ۾ مسلمانن خلاف نفرت ۽ تعصب ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي

دنيا ۾ مسلمانن خلاف نفرت ۽ تعصب ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري اسلاموفوبيا جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي هڪ خاص پيغام ۾ آصف علي زرداري چيو ته سموري دنيا ۾ مسلمانن خلاف نفرت ۽ تعصب کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسلام امن، رحم ۽ انصاف جو مذهب آهي. اسلام کي انتهاپسندي سان ڳنڍڻ جهالت جو عڪس آهي.هن چيو ته اظهار جي آزادي کي نفرت پکيڙڻ لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي.صدر چيو ته مذهبي تنوع ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي احترام کي فروغ ڏيڻ ضروري آهي. ڪرائسٽ چرچ سانحو هڪ اهڙو واقعو هو جنهن انسانيت جي ضمير کي جهنجهوڙي ڇڏيو. پاڪستان مسلسل بين الاقوامي فورمن تي اسلاموفوبيا جي خلاف آواز بلند ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو