ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جاپان جي هڪ ڪمپني دنيا جي سڀ کان ننڍي اڏامندڙ ڪار بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ۽ ثبوت جي طور هڪ وڊيو به جاري ڪئي آهي جنهن ۾ هڪ ماڻهو آساني سان ويهي سگهي ٿو. ڪمپني مطابق هن سال گرمي جي موسم ۾ عوام آڏو گاڏي پيش ڪئي ويندي جيڪا اُڏام جو به مظاهرو ڪندي. ڪمپني مطابق ناگويا جي شهر کان ٻاهر ڪمپني جي تحقيقي فلائيٽ جي مرڪز ۾ ڏينهن رات ان جي آزمائش جاري آهي. جاپان جي مشهور اخبار ۽ ويب سائيٽ اساهي شامبون مطابق ان جي خريداري لاءِ بڪنگ 2023 کان شروع ٿي ويندي ۽ 2026 کان خريداري تائين آرڊر جي فراهمي جو سلسلو جاري ٿيندو. ان ڪار جي تياري ۾ ٽويوٽا ڪمپني جي اڳوڻي انجنيئرن جو اهم ڪردار آهي جنهن ان کي جسامت جي حساب سان دنيا جي سڀ کان ننڍي اڏامندڙ ڪار قرار ڏنو. اسڪائي ڊرائيو وڌيڪ حقيقتون ٻڌائڻ کان انڪار ڪندي ڪجهه تصويرون ۽ هڪ وڊيو جاري ڪئي آهي. ڪمپني مطابق سڀئي آزمائشي مرحلا انتهائي ڪاميابي سان جاري آهن ڪار جي پهرين ماڊل جي اونچائي 5 فوٽ، ڊيگهه ۽ چوڙائي 12 فوٽ آهي. اسڪائي ڊرائيو مطابق وڏن شهرن جتي ٽريفڪ عام جام هوندي آهي جهڙي طرح ٽوڪيو، نيويارڪ شهرن لاءِ بهترين سواري آهي ۽ ان کي ماڻهن جي مدد ۽ حادثن ۾ به استعمال ڪري سگهجي ٿو. واضح رهي ته هوا ۾ ان جي رفتار 62 ميل في ڪلاڪ هوندي جڏهن ته زمين ويجهو ان جي رفتار وڌي 93 ميل في ڪلاڪ ٿي ويندي آهي.










