دنيا جو پهريون سوشلسٽ انقلابي، شاهه عنايت شهيد

دنيا جو پهريون سوشلسٽ انقلابي، شاهه عنايت شهيد

“جڏھن جھوڪ جھريو” جي نالي سان ھي ڪتاب اصل ۾ سبط حسن جي “نويد فڪر” ڪتاب تان آزاد ترجمو ڪيو ويو آهي. ان ڪتاب جو ترجمو سنڌ جي ناليواري اديب، ڏاھي ۽ مترجم سائين رشيد ڀٽيءَ ڪيو آھي. مترجم (ڀٽي صاحب) طرفان لکيل مھاڳ به پڙھڻ وٽان آھي. ھي ڪتاب صوفي شاھ عنايت شھيد جي فڪر ۽ جدوجھد جي تاريخ تي لکيل آھي. جو کيڙي سو کائي جو نعرو ھڻندڙ شاھ عنايت لانگاھ سنڌ جو پھريون سوشلسٽ شھيد آھي، جنھن وقت جي فيوڊل طبقي جي خلاف عملي جدوجھد ڪندي پنھنجي جان قربان ڪئي.

سبط حسن صاحب لکن ٿا ته “صوفي شاھ عنايت معيشت جي قانون جو اھو ڳجھ پروڙي ورتو ھو ته اصل شيءِ پيداواري عمل آھي، ۽ اصل مساوات اھا آھي، جا پيداواري عمل دوران قائم ٿئي، ۽ نه ڪي ورھاست دوران. ايئن ته چور ۽ ڊاڪو به مال ونڊي ورھائي کائيندا آهن. حقيقت اھا آھي ته دولت جي انصاف روءِ ورھاست پيداواري عمل ۾ برابر يا ساري شرڪت ڌاران ممڪن ئي نه آهي. ان ڪري صوفي شاھ عنايت پيداواري عمل ۾ مساوي شرڪت تي زور ڏنو. ان جو اٽل ۽ پڪو عقيدو ھو ته مساوات محمدي جي بنيادي گھرج اھا آھي ته کيتي واڙي اجتماعي اصولن تي ڪئي وڃي، پيداواري عمل ۾ سڀ ماڻھو برابر جا شراڪت دار ٿين، ۽ پيداوار کي ضرورت پٽاندر پاڻ ۾ ورھائين ۽ ونڊين. (صفحو نمبر – 41)

هو وڌيڪ اڳتي لکن ٿا ته “صوفي شاھ عنايت فيوڊلزم جي دؤر ۾ اجتماعي زراعت يعني سوشلسٽ طريقي واري پيداوار ۽ ورھاست جي طريقي کي رواج ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. سندس ھي قدم لک شاباس ۽ ساراھ جوڳو آهي. (صفحو نمبر – 58-59)

هو آخر ۾ لکن ٿا ته صوفي شاھ عنايت جو اھو تاريخي ڪارنامو ڪھڙي لحاظ کان غير اھم ٿي سگھي ٿو، جو ھن اجتماعي کيتيءَ جو ڪامياب تجربو ڪري ثابت ڪري ڇڏيو ته جاگيردار ۽ زميندار وچ ۾ نه پون ته کيتي واڙي وڌيڪ وڻندڙ نموني سان ٿي سگھي ٿي ۽ وروڌ ۽ دشمنيءَ بجاءِ ايڪي ۽ امداد باھميءَ جا جذبا اسري سگھن ٿا. صوفيءَ جي عمل مان اھو به ثابت ٿيو ته رياست جي قوت ۽ طاقت، حق ۽ انصاف جي حمايت ڪرڻ بجاءِ ھيل تائين ھميشه عوام خلاف مٿين طبقن جي مفاد جي حمايت ڪندي رھي آھي. ڏک اھو آھي ته تاريخ جي درسي ڪتابن ۾ محمد بن قاسم، محمود غزنوي ۽ احمد شاھ ابداليءَ جي حملن جو ذڪر ته ڏاڍي زور شور سان ڪيو وڃي ٿو، پر اسان جو نئون نسل صوفي شاھ عنايت شھيد جي نالي کان به واقف نه آهي. (صفحو نمبر – 61-62)

ٻاھٺ صفحن تي مشتمل ھن ڪارائتي ڪتاب جو نوجوان دوست ھڪ ڀيرو ضرور مطالعو ڪن.جيئن کين شاهه عنايت شهيد جي فڪر، فلسفي ۽ عملي جدوجهد بابت ڄاڻ ملي سگهي. (نوٽ هي سٽون ڪامران جتوئي جي وال تان ڪنهن دوست کڻي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون جيڪي سنڌيار جي پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ پيش ڪجن ٿيون. ادارو)

پهنجو تبصرو موڪليو