اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) 8 فيبروري تي رٿيل عام چونڊن م ملڪ جي مختلف حلقن ۾ دلچسپ مقابلا ٿي رهيا آهن. اڄ اسين پنهنجي پڙهندڙن لاءِ گجرات جي قومي اسمبلي جي سيٽ اين اي 64 گجرات ۽ پنجاب اسمبلي جي ٻن سيٽن پي پي 31 ۽ پي پي 32 جو ذڪر ڪنداسين، جتي پڦين جا ڀائٽي سان مقابلا ٿي رهيا آهن. پهريون ڀيرو گجرات جي ظهور الاهي خاندان ۾ سياسي اختلاف ٿيا آهن. اين اي 64 تي چوڌري شجاعت جي وڏي ڀيڻ قيصرا الاهي، جيڪا پرويز الاهي جي گهرواري آهي، ان کي پي ٽي آءِ ٽڪيٽ جاري ڪئي آهي، سندس چونڊ نشان مور آهي. پي پي 31 تي پي ٽي آءِ مدثر رضا کي ٽڪيٽ ڏني آهي جنهن جو چونڊ نشان به مور ئي آهي. جڏهن ته پي پي 32 جيڪا پرويز الاهي جي سيٽ آهي ۽ 1985 کان وٺي هو کٽندو آهي، چوڌري شجاعت جي ننڍي ڀيڻ ۽ پرويز الاهي جي سالي سميرا الاهي پي پي 34 تان پي ٽي آءِ جي اميدوار آهي. چوڌري شجاعت جون ٻئي ڀيڻون سندس خلاف آهن ۽ ملڪيت جي ورهاست بابت عدالتن ۾ ڪيس به هلندڙ آهن. چوڌري شجاعت جو والد چوڌري ظهور الاهي هو جنهن ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏيندڙ جج مولوي مشتاق جو اهو قلم خريد ڪيو هو جنهن سان جج ڦاهي جي آرڊر تي صحيح ڪئي هئي. سندس چوڻ هو ته اهو قلم سندس لاءِ تاريخي حيثيت رکي ٿو ۽ هن اهو قلم پنهنجي ڊرائنگ روم ۾ رکرايو هو ۽ ان جو ذڪر فخريه انداز ۾ ڪندو هو. پي پي پنجاب جي جيالن چوڌري ظهور الاهي تي حملو به ڪيو هو جنهن ۾ هو بچي ويو هو. خير اهو ڌار موضوع آهي. چوڌري شجاعت جو پٽ چوڌري سالڪ حسين قومي اسمبلي جي تڪ 64 تان مسلم ليگ(ق) جو اميدوار آهي ۽ پنهنجي ٻنهي پڦين قيصرا ۽ سميرا سان مقابلو ڪري رهيو آهي. مسلم ليگ (ن) ڪنهن اميداور کي ٽڪيٽ ناهي ڏني ۽ مسلم ليگ (ق) جي حمايت ڪري رهي آهي پر مسلم ليگ (ن) جو مقامي اڳواڻ ان تڪ تي آزاد اميدوار آهي.جنهن کي پارٽي جي ڳجهي حمايت حاصل آهي. جيڪڏهن هو هٿ نٿو کڻي ته ان جو فائدو پي ٽي آءِ کي ٿيندو ۽ سائيڪل پنڪچر ٿي سگهي ٿي.










