دعا زهريٰ  جي مڙس ظهير احمد جي حفاظتي ضمانت منظور

دعا زهريٰ جي مڙس ظهير احمد جي حفاظتي ضمانت منظور

لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ دعا زهرا جي مڙس ظهير احمد جي گرفتاري کان بچڻ لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.دعا زهرا جي مڙس ظهير احمد حفاظتي ضمانت لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.ظهير احمد پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته دعا جي شادي زهرا سان ٿي هئي، الزام آهي ته دعا کي اغوا ڪيو ويو، خدشو آهي ته پوليس کيس گرفتار ڪندي تنهن ڪري حفاظتي ضمانت ڏني وڃي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عاليا نيلم ظهير احمد جي حفاظتي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت ظهير جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ايف آءِ آر ڪڏهن داخل ڪئي وئي، پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته اغوا جي ايف آءِ آر 16 اپريل تي داخل ڪئي وئي هئي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته توهان هينئر تائين ڇا پيا ڪيو؟ توهان کي ڪيئن خبر پئي ته پوليس درخواستگذار کي گرفتار ڪرڻ چاهي ٿي؟ ان تي وڪيل چيو ته جاچ آفيسر چيو آهي ته هو معاملي جي ٻيهر جاچ ڪري رهيا آهن، خدشو آهي ته پوليس درخواستگذار کي گرفتار ڪندي، ان ڪري عدالت حفاظتي ضمانت منظور ڪري ته جيئن لاڳاپيل عدالت مان عبوري ضمانت حاصل ڪري سگهجي.عدالت ظهير احمد جي 14 جولاءِ تائين حفاظتي ضمانت منظور ڪندي پوليس کي درخواستگذار جي ممڪنه گرفتاري کان روڪي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو