ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي مان گم ٿيل دعا زهرا جي پيءُ پاڪپتن مان مليل ڌيءَ جي بازيابي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.دعا زهرا جي والد سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو ته 16 اپريل تي رات 12:30 وڳي سندس گهرواري کيس ٻڌايو ته دعا زهرا گم آهي، جنهن بعد هو الفلاح ٿاڻي تي ويو ۽ دعا زهرا خلاف ڪيس داخل ڪيو. ڪيس جي جاچ آفيسر اڃا تائين ڪيس جو چالان جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش نه ڪيو آهي، نامعلوم ماڻهن کي اغوا ڪري ورتو آهي. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سوشل ميڊيا ذريعي معلوم ٿيو ته ظهير احمد جي شادي دعا زهرا سان ٿي آهي، ڄمڻ جي تاريخ موجب دعا زهرا جي عمر 14 سالن کان گهٽ هئي، نڪاح کي غير قانوني قرار ڏنو وڃي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته ايس ايس پي ايسٽ، ايس ايڇ او الفلاح ۽ جاچ آفيسر کي حڪم ڏنو وڃي ته دعا زهرا کي بازياب ڪرايو وڃي.










