درياخان مري ۾ بجلي ۽ سولر پليٽن جي دڪان کي اوچتو باھ

درياخان مري ۾ بجلي ۽ سولر پليٽن جي دڪان کي اوچتو باھ

نوشھرو فيروز (ن سنڌيار)درياخان مري جي مين بازار م اردو اسڪول وٽ بجلي ۽ سولر پليٽن جي دڪان کي اوچتو شارٽ سرڪٽ سبب باھ لڳي وئي باھ سبب دڪان اندر پيل لکين روپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو دڪاندار علي جان راجپوت ٻڌايو ته بجلي ۽ سولر پليٽن جي دڪان کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان باھ لڳي وئي باھ لڳڻ سبب دڪان ۾ پيل روڪ رقم سولر پليٽون, بيٽريون, پکا, ايئر ڪولر ,يو پي ايس ۽ ٻيو سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو دڪاندار علي جان راجپوت ٻڌايو ته جئين ئي بجلي آئي ته اچانڪ دڪان کي باھ لڳي وئي باھ وسائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ضابطو نه اچي سگھيو دڪان ۾ پيل سمور اليڪٽرانڪ سولر سسٽم جو سامان ۽ روڪ رقم سڙي ويو باھ سبب 5 لک روپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو