دبئي تي وڌيڪ ايراني حملا ڇو ٿي رهيا آهن؟

دبئي تي وڌيڪ ايراني حملا ڇو ٿي رهيا آهن؟

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايرن خلاف جنگ کان اڳ ايران خبردار ڪيو هو ته ملڪ تي ڪو به حملو علائقائي تڪرار کي جنم ڏيندو۔
آمريڪا ۽ اسرائيل يا ته انهن جي ڳالهه تي يقين نه ڪيو يا ان کي اهڙو خطرو کڻڻ کي مناسب سمجهو. جنگ جي شروع ٿيڻ جي يارهين ڏينهن به ايران جا پاڙيسري عرب ملڪن تي حملا جاري آهن ۽ سڀ کان وڌيڪ متاثر متحده عرب امارات آهي۔
ملڪ جي دفاعي وزارت موجب جنگ شروع ٿيڻ کان وٺي متحده عرب امارات ڏانهن 1,700 کان وڌيڪ ميزائل ۽ ڊرون فائر ڪيا ويا آهن، جن مان 90 سيڪڙو کان وڌيڪ انٽرسيپٽرز، فائٽر جيٽ ۽ هيليڪاپٽرن ذريعي تباهه ڪيا ويا آهن۔
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل هفتي سي اين اين جي جرنلسٽ جيڪ ٽيپر سان انٽرويو ۾ اعتراف ڪيو هو ته ايران جو پنهنجي عرب پاڙيسرين تي حملا ڪرڻ جو ارادو جنگ جو سڀ کان وڏو سرپرائيز آهي.
آچر تي، ايران جي اسلامي انقلابي گارڊ ڪور (آءِ آر جي سي) چيو ته هو ته هو پنهنجي 60 سيڪڙو طاقت استعمال ڪري رهيو آهي پاڙيسري عرب ملڪن ۾ آمريڪي “بيسز” ۽ “اسٽريٽجڪ مفادن” خلاف، باقي طاقت جو اسرائيل تي فوڪس آهي۔
متحده عرب امارات تي ٻين ملڪن کان وڌيڪ پروجيڪٽائل فائر ڪيا ويا آهن، ظاهري طور تي اسرائيل کان به وڌيڪ، جنهن آمريڪا سان گڏ هي جنگ شروع ڪئي آهي. ڪيترائي پروجيڪٽائيلز گهرن، آفيسن ۽ گهٽين تي ڪريا آهن، ڳتيل آبادي وارن شهري علائقن ۾، جنهن ۾ چار ماڻهو مارجي ويا.
دبئي تي وڌيڪ ايراني حملا ڇو پيا ٿين؟
لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس جي بين الاقوامي تعلقات جي پروفيسر فواز گرجيس جو ان بابت چوڻ آهي ته “دبئي حقيقت ۾ گلوبلائيزيشن جو وڏو مرڪز آهي،” ۔ “ايراني اڳواڻ دبئي کي مغربي عالمي معاشي نظام جي بنياد طور ڏسن ٿا… اهو دنيا جي معيشت کي هلائي ٿو، نه رڳو دبئي ۽ متحده عرب امارات کي۔”
تصور اهم آهي۔ دبئي ۾ هڪ بين الاقوامي هوٽل جي سامهون باهه ٻرندڙ يا دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي گرائونڊ ۾ حملي جون تصويرون بين الاقوامي ڌيان ڇڪائين ٿيون جڏهن هزارين ايڪسپيٽريٽ ۽ سياح ملڪ ڇڏڻ جي ڪوشش ڪن ٿا۔ انهن حملن ۾ ڪو به زخمي نه ٿيو، پر نفسياتي اثر وڏو ٿي سگهي ٿو۔
گرجيس نوٽ ڪري ٿو ته متحده عرب امارات جي ايران لاءِ سالن کان معاشي لائف لائن هجڻ جي ستم ظريفي، جڏهن تهران تاريخ جي سڀ کان سخت پابندين جي باوجود جدوجهد ڪري رهيو هو۔ هڪ يو اي اي آفيسر سي اين اين کي ٻڌايو ته لاڳاپا آخرڪار نارمل ٿي ويندا، پر اعتماد بحال ڪرڻ ۾ “ڏهاڪا” لڳي سگهن ٿا۔
متحده عرب امارات چين کان پوءِ ايران جو ٻيو سڀ کان وڏو تجارتي پارٽنر آهي۔ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار آمريڪي پابنديون سخت ٿيڻ جي باوجود وڌي رهيو هو۔ ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن مطابق 2024 ۾ ٻطرفو واپار 28 ارب ڊالر هو۔ تقريبن اڌ ملين ايراني متحده عرب امارات کي پنهنجو گهر سڏين ٿا۔
ايران ابوظهبي جي واشنگٽن سان ڊگهي عرصي واري اسٽريٽجڪ اتحاد کي حملن جي جواز طور پيش ڪري ٿو۔ گذريل سال آمريڪا طرفان “ميجر ڊيفينس پارٽنر” قرار ڏنل، متحده عرب امارات واضح ڪيو آهي ته هو پنهنجي سيڪيورٽي لاءِ ڪنهن تي ڀروسو ڪري ٿو۔
هن آمريڪي فائٽر جيٽ، هيليڪاپٽر ۽ ايئر ڊيفينس سسٽم ۾ اربين ڊالر خرچ ڪيا آهن، جيڪي هاڻي ايران جي بي مثال حملن کان اماراتي ۽ ايڪسپيٽريٽ کي بچائڻ ۾ فعال طور شامل آهن۔ آمريڪي اتحادين کي تڪليف پهچائڻ
چيٿم هائوس جي صنم وڪيل چوي ٿي ته متحده عرب امارات اسلامي جمهوريت لاءِ آمريڪا ۽ ان جي اتحادين کي درد پهچائڻ جي خواهش ۾ هڪ کان وڌيڪ باڪس ٽڪ ڪري ٿو۔
“متحده عرب امارات تي حملو ڪرڻ سان، ايران نه رڳو هڪ اهم آمريڪي پارٽنر کي نشانو بڻائي رهيو آهي پر اهو به اشارو ڏئي رهيو آهي ته هڪ ملڪ جيڪو لکين ايڪسپيٽريٽ جي ميزباني ڪري ٿو ۽ عالمي فنانس، ايوي ايشن ۽ واپار ۾ وڏو مرڪز آهي، ان کي الڳ نه رکي سگهجي ٿو۔”
انتقام جي حد شايد اهو ظاهر ڪري ته رجيم هن جنگ کي ڪيترو وجودي خطري طور ڏسي ٿي۔ جڏهن اسرائيل ايران جي نيوڪليئر سهولتن تي بمباري ڪئي، آخري ڏينهن ۾ آمريڪا سان گڏ، ايران جو جواب محدود هو: قطر ۾ العديد ايئر بيس تي حملو، جنهن کي اڳ ۾ ئي اطلاع ڏنل سمجهيو وڃي ٿو۔
صدر ٽرمپ ان حملي کان پوءِ قطر کي نيٽو طرز جي سيڪيورٽي ضمانت ڏيڻ لاءِ ايگزيڪيوٽو آرڊر جاري ڪيو هو، جيڪو هاڻوڪي جنگ دوران به ايران طرفان نشانو بڻايو ويو آهي۔ سندس اهو به چوڻ هو ته ايران ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ رڳو 100 ڪلوميٽر (60 ميل) جو سمنڊ آهي؛ ميزائل ۽ ڊرون اماراتي ساحل تائين پهچڻ ۾ گهڻو وقت نٿا وٺن۔
متحده عرب امارات ايران تي حملي جي صورت ۾ پنهنجي فوجي بيسز يا ايئر اسپيس جي استعمال کان منع ڪري ڇڏيو هو پر ان جي باوجود متحده عرب امارات کي فائدو نه مليو.
متحده عرب امارات جي صدر محمد بن زيد آل نهيان هفتي جي آخر ۾ ڪجهه زخمين جي عيادت ڪندي دشمن کي خبردار ڪندي چيو هو ته “مان انهن کي چوان ٿو – متحده عرب امارات جي ظاهر کان دوکو نه کائو۔ متحده عرب امارات ٿلهي کل ۽ ڪوڙو گوشت رکي ٿو – اسان آسان شڪار ناهيون۔”
حيرت غصي ۾ تبديل
مينا الاوريبي متحده عرب امارات جي اخبار دي نيشنل جي ايڊيٽر آهي۔ سندس چوڻ آهي ته “جنگ شروع ٿيڻ جي صبح، ماڻهن سان ڳالهائڻ تي حقيقي ناراضگي هئي ته اسرائيل ۽ آمريڪا فوجي آپشن ڏانهن ڇو ويا… پر جلد ئي جڏهن ايران متحده عرب امارات ۽ ٻين ملڪن تي حملا شروع ڪيا، غصو ۽ ناانصافي جو احساس ايران ڏانهن منتقل ٿي ويو۔”
ايراني صدر مسعود پيزشڪيان جي هفتي جي آخر ۾ معافي وٺڻ ۽ اهو چوڻ ته ايران هاڻي پنهنجي پاڙيسرين کي نشانو نه بڻائيندو، ان کان پوءِ اميد ۽ راحت مختصر ثابت ٿي، ڇو ته اڃا به نوان حملا متحده عرب امارات ۽ ٻين خليجي ملڪن تي جاري آهن.
تڪرار ۾ هميشه متبادل به هوندو آهي ۽ دبئي جي سامونڊي ڪناري تي بڪني پاتل سج جي پوڄارين جي کوٽ ناهي. (نوٽ، هي رپورٽ سي اين اين تي شايع ٿي ۽ سندن ٿورن سان اسين پيش ڪريون ٿا. سي اين اين جي رپورٽ پنهنجي جاءِ تي پر يو اي اي تي حملن جو وڏو سبب، هتي سي آءِ اي ۽ آمريڪي فوجين جي وڌيڪ موجودگي آهي، جديد اوزارن سان مانيٽرنگ، پلاننگ ۽ عملدرآمد ڪرڻ ۾ آمريڪا کي آساني حاصل آهي. دبئي جو بندرگاهه آمريڪي نيوي جي آپريشن لاءِ مخصوص آهي)

پهنجو تبصرو موڪليو