دادو (ن س )دادو ۾ پورهيت نينگر کي مبينا طور اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو آهي، متاثر نينگر طرفان پريس ڪلب اڳيان جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاج ڪيو ويو آهي. متاثر نينگر زوهيب جو چوڻ هو ته هوٽل تي مزدوري ڪندو آهي رات دير سان ٻن جوابدارن کيس جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو. سندس چوڻ هو ته هن دادو جي اي سيڪشن ٿاڻي تي جوابدارن خلاف اين سي رپورٽ داخل ڪرائي آهي پر پوليس جوابدار بااثر هئڻ سبب کين گرفتار نه ڪري رهي آهي. هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري ساڻس انصاف ڪيو وڃي.










