خيبرپختونخوا کي ڪڻڪ ڏيڻ جو فيصلو

خيبرپختونخوا کي ڪڻڪ ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت خيبرپختونخوا کي ڪڻڪ فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. وزيراعظم پاران فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت کي پاسڪو (PASCO) ذريعي ڪڻڪ سپلائي ڪرڻ جا احڪامات جاري ڪيا ويا آهن.وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي ان قدم جو مقصد خيبرپختونخوا جي عوام کي مھانگائي جي اثرن کان بچائڻ آهي. رانا تنوير حسين چيو ته خيبرپختونخوا کي پاسڪو ذريعي فوري ۽ مؤثر طور ڪڻڪ جي سپلائي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. وفاقي وزير رانا تنوير حسين وڌيڪ چيو ته وزيراعظم جو هي قدم غذائي تحفظ ۽ عوامي ريليف لاءِ هڪ عملي قدم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو