خوراڪ نه ملڻ ۽ ڪٽائي ٿيڻ تي ٻوٽن جي روئڻ جا آواز

خوراڪ نه ملڻ ۽ ڪٽائي ٿيڻ تي ٻوٽن جي روئڻ جا آواز

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي تل ابيب يونيورسٽي جي تحقيق م اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽا خوراڪ پوري نه ملڻ تي پنهنجي تڪليف جو احساس ڏيارڻ لاءِ آواز ڪڍن ٿا. مارچ 2023 جي آخر ۾ جرنل سيل ۾ شايع ٿيل ريسرچ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ڪٽائي وقت ۽ پاڻي يا مناسب خوراڪ نه ملڻ تي ٽماٽو ۽ تماڪو جا ٻوٽا خاص آوازن کي خارج ڪن ٿا. خطري جي نوعيت جي نتيجي ۾ انهن آوازن ۾ تبديليون اينديون آهن، پر اسان جا ڪن انهن کي ٻڌڻ جي قابل نه هوندا آهن. هن تحقيق جا نتيجا ان عام تصور کي ٽوڙين ٿا، جنهن ۾ خيال ڪيو ويندو آهي ته ٻوٽا پنهنجي ماحول ۾ خاموشي سان رهن ٿا. تحقيق موجب ٻوٽن پاران انهن آوازن ذريعي سگنل موڪليا ويندا آهن ته جيئن ماحول ۾ موجود جاندار انهن کي ٻڌي پنهنجو رويو بدلائي سگهن. تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته جيڪڏهن ٽماٽر جي ٻوٽي کي هڪ ڏينهن پاڻي نه پيو ڏنو وڃي ته اهو آواز ڪڍڻ شروع ڪري ٿو، جيتوڻيڪ بظاهر ٽماٽا ٻوٽي ۾ سٺا نظر اچن ٿا. اهي آواز پوپ ڪارن يا ٽائيپنگ وانگر آهن ۽ 5 ڏينهن جي پاڻي جي کوٽ ۾ اهي آواز وڌي وڃن ٿا، ۽ ٻوٽو سڪي وڃڻ بعد بند ٿين ٿا. ڪٽائي وقت سندن آواز مختلف هجن ٿا.
تفصيلي تحقيقي رپورٽ پڙهڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو

پهنجو تبصرو موڪليو