خودڪشيون روڪڻ لاءِ پوليس پاران آگهي سيمينار

خودڪشيون روڪڻ لاءِ پوليس پاران آگهي سيمينار

گلاب لغاري(ن سنڌ يار)سنڌ ۾ خودڪشين جي وڌندڙ رجحان جي روڪٿام لاءِ ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي بدين جي حڪم تي ايس ايڇ او  طرفان گلاب لغاري شھر ۾ ھڪ روزه آگاھي مھم سيمينار منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ شھرين سول سوسائٽي جي ماڻهن ڊاڪٽرز استادن توڙي صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي انهيَ موقعي تي ڊي ايس پي ماتلي خالد حسين رستماڻي ايس ايڇ او فياض علي ٻرڙو ڊاڪٽر ڀارو مل ڊاڪٽر گل محمد کٽي عبدالغفار لغاري عمران العظيم لغاري ڪامريڊ ڪريم لغاري مولوي نعمت الله سليم لغاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته روز بروز سنڌ اندر خود ڪشين جي واقعن ۾ واڌ کي ٻنجو ڏيڻ لاء اسان ماڻھن کي اڳتي اچڻو پوندو ڇو ته انهن واقعن ۾ روز به روز تيزي اچڻ ڪري قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ ھڪ افسوس جوڳو عمل آهي اھڙن واقعن کي روڪڻ لاء معاشري جي ذميوار ماڻهن کي ڀر پور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ ماڻهن ۾ ھمت خود اعتمادي بردباري برداشت جي صلاحيت پيدا ڪرڻ لاء اھڙا سيمينار منعقد ڪرائي مضبوط آگاھي مھم ھلائي وڃي ماڻهن جي محدود سوچ کي وسيع ڪرڻ جي ضرورت آهي ماڻهن مذهبن کان دوري اختيار ڪئي آهي ڇوته  دنيا جا سڀئي مذهب خودڪشي کي حرام ۽ بزدلي ڪوٺين ٿا ھر سجاڳ ماڻهو کي پنهنجي گھر پاڙي ڳوٺ ۽ شھر جو وڏو ٿي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو اڪثر ماڻهو دنياوي مشڪلاتن ۾ ڦاسڻ بعد خود ڪشي ڪرڻ ڏانهن راغب ٿين ٿا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو