ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) خودڪشي ڪندڙ ڊاڪٽر ماها جي والد آصف علي شاهه اهم ويڊيو بيان جار ڪيو آهي. جنهن ۾ هن انڪشاف ڪيو آهي ته ننڍي نياڻي کيس ٻڌايو ته ماها کي ڻشي جو عادي بڻايو ويو هو. هن چيو ته جنيد جي ڀيڻ مهوش ماها جي دوست هئي جنهن سندس جنيد سان ملاقات ڪرائي ۽ جنيد مٿس تشدد ڪندو هو ۽ ساڻس ماها جي شادي جون خبرون بي بنياد آهن.هن چيو ته عرفان قريشي جي گهر ۾ ماها کي نشو ڏنو ويو ۽ هي هڪ گينگ آهي جيڪا خانداني عورتن کي نشي تي لڳائي بليڪ ميل ڪندي آهي. سندس بيان تي پوليس ٽن ملزمن تي ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي آهي. ياد رهي ته گرهوڙ شريف جي گادي نشين آصف علي شاهه جي نياڻي ڊاڪٽر ماها ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ خود ڪشي ڪئي هئي.










