خدا واسطي منهنجي زندگي بچايو، مظلوم جي اپيل

خدا واسطي منهنجي زندگي بچايو، مظلوم جي اپيل

ٽنڊوباگو(ڄام سھيل سمون)يونين ڪائونسل ڏاڏھ جي ڳوٺ سومار خان جروار جو رهواسي خان جروار ولد الهبچايو جروار جيڪو  ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا آھي هن ´´ سنڌيار “سان ڳالهائيندي چيو ته آئون ڪيترن سالن کان وٺي ڪينسر جھڙي موتمار مرض ۾ مبتلا آھيان،منهنجو پيء ھڪ غريب ۽ مسڪين ماڻھو آھي جنهن منهنجي علاج تي گھر جو الهه تلهه وڪڻي ڇڏيو، هاڻ اسان وٽ ڪجهه به ناهي بچيو۔ هن وڌيڪ روئيندي حڪومت وقت ۽ سرندي وارن کي اپيل ڪئي آھي ته خدارا انسانيت جي ناتي منهنجو علاج ڪرايو وڃي ته جيئن مونکي هن تڪليف مان ڇوٽڪارو ملي سگھي ۽  جان بچي سگھي۔ اگر ڪو خدا ڪو جو بندو مھنجي مدد ڪرڻ چاهي سنڌ جي بدين ضلعي جي تعلقي ٽنڊو باگو ۾ مٿي ڄاڻايل منهنجو ڳوٺ آهي. ڪو به هن موبائل نمبر تي رابطو ڪري سگهي ٿو.( 0348.8589983 )

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو