اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ملڪ کي خانه جنگي، خونريزي کان بچائڻو آهي ته 30 مئي کان اڳ چونڊن جو اعلان ڪريو.عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته جيڪڏهن چونڊن جو اعلان نه ڪيو ويو ته ملڪ ۾ خونريزي جا ذميوار اهي ماڻهو هوندا. ملڪ ۾ تشدد جي ذميوار اها حڪومت هوندي. هن چيو ته اڄ اهي سمورا ماڻهو چونڊن کان ڀڄي ويا آهن. ملڪ ۾ چونڊون ٿيڻ کان هاڻ ڪير به نٿو روڪي سگهي. عوام عمران خان سان گڏ آهي. تحريڪ انصاف جي پوزيشن ايتري سٺي نه هئي جيتري هاڻ آهي.هن چيو ته عمران خان جي ڪال بهترين منصوبه بندي سان گڏ آهي. اسان ڪنهن سان به وڙهڻ نٿا چاهيون. عمران خان جي ڪال کان پوءِ سمورو اسلام آباد ۽ پاڪستان گهرن کان ٻاهر هوندو. اليڪشن ڪميشن خلاف احتجاج ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي شبلي فراز چيو ته اليڪشن ڪميشن جي سامهون علامتي احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا آهيون. اسان ڪڏهن به پي ڊي ايم کي احتجاج کان نه روڪيو هو. احتجاج اسان جو حق آهي، امپورٽڊ حڪومت جو ڪوبه اخلاقي جواز نه آهي. ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته سڄي ملڪ ۾ نيون تڪ بنديون جاري آهن 30 مئي تائين چونڊ ممڪن ئي نه آهي.










