خان، زال سميت سزا کي چيلينج ڪري ڇڏيو، حالتون اهم عدالتي موڙ تي ا

خان، زال سميت سزا کي چيلينج ڪري ڇڏيو، حالتون اهم عدالتي موڙ تي ا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ۽ سندس زال بشريٰ بي بي سومر ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ (IHC) ۾ توشاخانه 2 ڪيس ۾ پنهنجي سزا خلاف الڳ الڳ اپيلون داخل ڪيون. 20 ڊسمبر تي هڪ خصوصي عدالت عمران ۽ بشريٰ کي 17-17 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي. اهو ڪيس هڪ قيمتي بلگاري جيولري سيٽ جي خريداري بابت هو، جيڪو سعودي ولي عهد پاران مئي 2021 جي سرڪاري دوري دوران عمران خان کي تحفي طور مليو هو ۽ مبينا طور “گهٽ قيمت” تي هنن خريد ڪيو، گهر کڻي ويا ۽ توشا خاني ۾ جمع نه ڪرايو هو.
ڪارروائين دوران سرڪار موقف اختيار ڪيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين تقريبن 8 ڪروڙ رپين جي قيمت واري هن سيٽ کي رڳو 29 لک رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکيو. سنڌيار وٽ موجود اپيلن جي ڪاپين موجب، وڪيلن جو دليل آهي ته سزا سياسي انتقام تي ٻڌل آهي: “هن ڪيس جو بنيادي مقصد اپيل ڪندڙ کي قيد ۾ رکڻ آهي ته جيئن هو قومي سياست ۾ ڪردار نڀائي نه سگهي ۽ سندس سياسي ڪردار کي محدود ڪيو وڃي.”
اپيلن ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو ته ڪيس جيڪو پهرين قومي احتساب بيورو (NAB) شروع ڪيو هو، ان کي بعد ۾ فيڊرل انويستيگيشن ايجنسي (FIA) ڏانهن منتقل ڪيو ويو.
اپيلن موجب: “معزز ٽرائل ڪورٽ FIA جي اختيار ڪيل جاچ طريقيڪار کي نظرانداز ڪيو. جڏهن ته واضح قانون، مثالن يا رهنمائي جي غيرموجودگي ۾ وڌيڪ احتياط گهربل هو.” ان جي ابتڙ، “جاچ اداري ۽ ٽرائل ڪورٽ ڪم کي سطحي انداز ۾ اڳتي وڌايو، جنهن جو ثبوت اهو آهي ته رڪارڊ تي ڪا به ايف آءِ آر موجود ناهي.”
اپيلن ۾ چيو ويو ته FIA جاچ شروع ٿيڻ کان صرف ٻن ڏينهن اندر چالان جمع ڪرايو، جنهن ڪري غيرجانبدار ۽ شفاف جاچ لاءِ مناسب وقت نه مليو.
اهو به چيو ويو ته توشاخانه 2 ۾ سزا، توشاخانه معاملن ۾ چوٿون ڪيس آهي ۽ ٻٽو خطرو (double jeopardy) پيدا ڪري ٿو، “يعني ساڳئي موضوع تي بار بار ۽ اوورليپ ٿيندڙ فوجداري ڪارروائيون.”
اپيلن موجب: “NAB ڄاڻي واڻي مقدمي کي ونڊي ڇڏيو. ڪن تحفن بابت اڳ ۾ وڌيو ۽ ٻين کي مؤخر يا ڇڏي ڏنو، جيڪو قانوني طور جائز ناهي.” ياد رهي ته “توشاخانه 1 ۽ 2 ڪيس مختلف تحفن بابت آهن.”
اپيل ۾ وڌيڪ چيو ويو ته “جيڪو ڪيس گڏيل ۽ جامع ريت هڪ ئي ٽرائل ۾ هلڻ کپندو هو، ان کي ارادتي طور ڪيترن جزن ۾ ورهايو ويو ته جيئن اپيل ڪندڙ کي قيد ۾ ئي رکيو وڃي.”
اپيلن موجب فيصلي ۾ 2018 واري توشاخانه پاليسي کي نظرانداز ڪيو ويو. ڪلاز I موجب، سڀ تحفا باقاعدي رپورٽ ۽ توشاخانه ۾ جمع ڪرائڻا آهن، جڏهن ته ڪلاز VI موجب “30 هزار رپين کان وڌيڪ قيمت وارا تحفا، بنيادي ڇوٽ 30 هزار کان مٿي جي اضافي رقم جو 50 سيڪڙو ادا ڪري پاڻ وٽ رکيا وڃن ٿا.”
اپيلن ۾ دليل ڏنو ويو ته پاليسي جي ڪا ڀڃڪڙي نه ٿي—تحفا جمع ڪرايا ويا ۽ پاڻ وٽ رکڻ لاءِ مقرر فيس ادا ڪئي وئي. وڌيڪ چيو ويو ته پاليسي ۾ فوجداري ذميواريون يا امانت ۾ خيانت” جهڙا ڏوهه واضح نه آهن، تنهن ڪري سزا غيرقانوني آهي. “معزز ٽرائل جج توشاخانه پاليسي/قاعدن کي غلط پڙهيو ۽ لاڳو ڪيو.”
اپيلن موجب “استغاثي عمران خان ۽ سندس زال جي ڏوھ کي شڪ کان بالاتر ثابت ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام رهيو، پر ان جي باوجود خاص جج سزا ٻڌائي.”
اپيل ۾وڌيڪ چيو ويو ته “امانت ۾ خيانت” لاءِ لازمي آهي: مال جو حوالو/سپردي، بي ايماني سان ان جو پنهنجي فائدي لاءِ استعمال يا بدلي، ۽ پاڪستان پينل ڪوڊ (PPC) جي سيڪشن 409 تحت ملزم جو “سرڪاري ملازم” هئڻ. اپيلن جو موقف آهي ته عمران ۽ بشريٰ انهن شرطن تي پورو نٿا لهن.
“هن ڪيس ۾ ڪو به بنيادي جز ثابت نه ٿو ڪو ته بي ايماني وارو تصرف نه ٿيو، ڇاڪاڻ⁠ته تحفا پاليسي ۽ قاعدن مطابق ضروري رقم ادا ڪرڻ بعد قانوني طور رکيا ويا.” اپيل ۾ اهو به چيو ويو ته عمران سيڪشن 21 PPC موجب “سرڪاري ملازم” جي تعريف ۾ نٿو اچي.
عمران جي اپيل موجب “معزز ٽرائل ڪورٽ فيصلي جي پيرا 15 ۾ سيڪشن 21 نائين بيان ۽ 1957 ۽ 1961 جي مبهم نظيرن تي ڀاڙيندي عمران کي ‘سرڪاري ملازم’ جي تعريف ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا قانوني طور ڪمزور ۽ غلط آهي.”
بشريٰ بي بي جي اپيل ۾ چيو ويو ته هوءَ “گهريلو عورت آهي جنهن ڪڏهن به ڪوبه سرڪاري عهدو ناهن سنڀاليو ۽ نه ئي ڪنهن سرڪاري ذميواري کي نڀايو”، تنهن ڪري فيصلو “coram non judice”، يعني غير مجاز اٿارٽي طرفان، ۽ مڪمل طور رد ٿيڻ جو مستحق آهي.
اپيلن ۾ 20 ڊسمبر وارو فيصلو رد ڪرڻ ۽ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي توشاخانه 2 ڪيس مان باعزت بري ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي.
گذريل سال ڊسمبر ۾ ٻنهي تي فرد جرم لاڳو ڪئي وئي هئي. هنن ٻنهي الزامن کي رد ڪندي چيو هو ته ڪيس ٺهيل ۽ سياسي طور تي ٻڌل آهي ته جيئن عمران کي سياست مان نااهل ڪيو وڃي.
عمران خان آگسٽ 2023 کان قيد ۾ آهي ۽ عداليا جيل ۾ £190 ملين ڪرپشن ڪيس ۾ 14 سال قيد جي سزا ڪاٽي رهيو آهي، ۽ 9 مئي 2023 جي احتجاجن بابت دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس به هلي رهيا آهن. بشريٰ بي بي به ساڳئي £190 ملين ڪرپشن ڪيس ۾ 7 سال قيد جي سزا ڪاٽي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو