خان صاحب جتان سياست ۾ آيو اُتان ئي واپس ويندو؛ قمرالزمان

خان صاحب جتان سياست ۾ آيو اُتان ئي واپس ويندو؛ قمرالزمان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ قمرالزمان ڪائره چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت نيب آرڊيننس ۾ ترميم پنهنجي دوستن، اتحادين کي بچائڻ لاءِ ڪئي آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قمرالزمان ڪائره جو چوڻ هو ته عمران خان جا ڪوڙ بي نقاب ٿي رهيا آهن يوٽرن جي حد هوندي آهي پر هاڻي لڳي ٿو ته حتمي يوٽرن جو وقت اچي چڪو آهي. خان صاحب جتان سياست ۾ آيو اُتان ئي واپس هليو ويندو. هن چيو ته مالم جبه ۽ بي آر ٽي ڪيسن سميت ٻين ۾ تحريڪ انصاف جي ماڻهن تي الزام آهن جنهن کي حڪومت بچائڻ چاهي ٿي. هن چيو ته نيب صرف اپوزيشن جي 2 جماعتن کي نشانو بڻائي رهي آهي. هن جو چوڻ هو ته جڏهن پيپلزپارٽي جي حڪومت نيب آرڊيننس ۾ اصلاحات جي ڳالهه ڪئي هئي ته چيو ويو اسان اين آر او گهري رهيا آهيون پر هاڻي حڪومت پاڻ اين آر او وٺي رهي آهي. پيپلزپارٽي اڳواڻ جو چوڻ هو ته جيڪي ماڻهو خان صاحب سان گڏ آهن انهن جا گناهه معاف ٿي ويا. وزيراعظم چئي ٿو ته اسان تبديلي چاهيون ٿا پر مزاحمت ٿئي ٿي هو ٻڌائي ته ڪير مزاحمت ڪري رهيو آهي. هن جو چوڻ هو ته منفي سياست شروع ڪرڻ افسوس ناڪ ڳالهه آهي بلاول ڀٽو 2020 ۾ حڪومت جي وڃڻ جو اعلان ڪري رکيو آهي. قمرالزمان قائره جو چوڻ هو ته چيو پيو وڃي ته پيپلزپارٽي پنجاب مان ختم ٿي وئي آهي پر هنن بينظير ڀٽو جي ورسي تي روالپنڊي ۾ پنهنجو فرض ادا ڪيو آهي. هن اعلان ڪيو ته بلاول ڀٽو 4 اپريل کان اڳ پنجاب جي ضلعن جو دورو ڪندو ۽ بعد ۾ ملڪ جي ٻين شهرن ۾ جلسا شروع ٿي ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو