اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت جي آخري اميد ايم ڪيو ايم اپوزيشن جي جماعت پيپلز پارٽي سان معاهدو ڪري ڇڏيو، تفصيل اڄ شام 4 وڳي پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايا ويندا. اهو معاهدو حڪومت لاءِ وڏو ڌچڪو آهي. گذريل رات ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ ٿيل معاهدي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ شهباز شريف ۽ جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان به موجود هئا. معاهدي جي تصديق ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ترجمان ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به ڪئي. پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان به ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ ٿيل معاهدي تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته تفصيل 4 وڳي ظاهر ڪنداسين. ٻنهي سياسي پارٽين وچ ۾ معاهدو ٿيڻ بعد مولانا فضل الرحمان دعا ڪرائي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان، آصف علي زرداري، شهباز شريف ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي معاهدي تي صحيحون ڪيون. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي رابطا ڪميٽي جو اهم اجلاس اڄ منجهند 2 وڳي ٿيندو جنهن ۾ مخالف ڌر سان ٿيل ٺاهه تي اتفاق راءِ بعد 4 وڳي پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو ويندو.










