حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي

حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي.حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 1 رپيا 35 پئسا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي، پيٽرول جي نئين قيمت 248 رپيا 38 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا 85 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 255 رپيا 14 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.گاسليٽ جي قيمت ۾ 1 رپيا 48 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، گاسليٽ جي نئين قيمت 161 رپيا 54 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.لائٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 2 رپيا 61 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي ۽ لائيٽ ڊيزل آئل جي نئين قيمت 147 رپيا 51 پيسا في ليٽر ٿي وئي آهي.پيٽروليم شين جا نوان اگهه اڄ رات 12 وڳي کان لاڳو ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو