حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 10 رپيا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي

حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 10 رپيا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي.ناڻي واري وزارت پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 9 رپيا 99 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 275 رپيا 60 پئسا في ليٽر ٿي ويندي.هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 6 رپيا 18 پئسا في ليٽر واڌ ۽ نئين قيمت 283 رپيا 63 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.گاسليٽ جو تيل هڪ رپيو 85 پئسا في ليٽر واڌ ڪري 183 رپيا 71 پئسا في ليٽر جڏهن ته لائٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 24 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.پيٽرول ۽ ڊيزل تي پيٽروليم ليوي برقرار آهي ۽ ليوي 60 رپيا في ليٽر برقرار رهندي. پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو عمل رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي ويو

پهنجو تبصرو موڪليو