آءِ ايم ايف معاهدو، پيٽرول 5 روپيا ۽ ڊيزل 13 روپيا في لٽر مهانگو

آءِ ايم ايف معاهدو، پيٽرول 5 روپيا ۽ ڊيزل 13 روپيا في لٽر مهانگو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي. ناڻي واري وفاقي وزارت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي ۽ نئين قيمت 272 رپيا في ليٽر هوندي.نوٽيفڪيشن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 13 رپيا 56 پئسا واڌ کانپوءِ 293 رپيا في ليٽر ٿي ويو آهي، جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت 2 رپيا 56 پئسا واڌ سان 190 رپيا 29 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.لائٽ ڊيزل آئل جي قيمت برقرار رکي وئي آهي ۽ نوان اگهه رات 12 وڳي کان 15 ڏينهن تائين لاڳو ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو