حڪومت پاران ڊيزل 66 ۽ پيٽرول 12 پئسا گهٽتائي جو اعلان

حڪومت پاران ڊيزل 66 ۽ پيٽرول 12 پئسا گهٽتائي جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي. پيٽروليم ڊويزن قيمتن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن موجب ڊيزل جي قيمت ۾ 66 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 392 رپيا 38 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.اهڙي ٻيڪڙائي، پيٽرول جي قيمت ۾ 12 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 336 رپيا 3 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پيٽروليم شين جون نيون قيمتون پهرين کان 3 آگسٽ تائين لاءِ هونديون.

پهنجو تبصرو موڪليو