اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت اپوزيشن جي ريڪيوزيشن تي پارليمان جي ٻنهي ايوانن جو اجلاس ايندڙ هفتي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهڙو فيصلو اسپيڪر قومي اسمبلي اسد قيصر ۽ پارليماني معاملن واري مشير بابر اعواڻ جي ملاقات ۾ ڪيو ويو. جنهن بعد سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سان اسپيڪر ملاقات ڪئي. ياد رهي ته 4 فروري تي جڏهن حڪومت پرڏيهي شهريت رکندڙن کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏيڻ ۽ سينيٽ چونڊ کلي عام ڪرائڻ لاءِ آئيني ترميم جو بل پيش ڪيو هو ته اپوزيشن وڏو گوڙ ڪيو هو ۽ ٻنهي ڌرين جي ايم اين ايز هڪٻئي کي ڌڪا ڌوڻا ڏئي ڪيرايو هو جنهن بعد اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو هو. جنهن بعد اپوزيشن 92 ميمبرن جي صحيحن سان اجلاس گهرائڻ جي درخواست ڏيندي چيو هو ته حڪومت پاران جاري ڪيل سينيٽ چونڊ بابت تڪراري آرڊيننس ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ بابت بحث لاءِ اجلاس گهرايو وڃي.










