ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي سنڌ ۾ تيز ۽ طوفاني برساتن سبب سنڌ ۾ ٿيندڙ قيمتي انساني حياتين توڙي ملڪيتن جي نقصان تي دلي ڏک جو اظھار ڪندي گهر ڪئي آھي تہ سنڌ حڪومت برساتن جي تباھي جي نقصان جي ازالي توڙي ماروئڙن جي مشڪلات کي ختم ڪرڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي . ھن اڄ ھڪ بيان ۾ چيو تہ برسات اللہ جي رحمت ھوندي آھي . پر حڪومتي توڙي انتظامي غفلت ۽ نا اھلي ڪري اھا عوام لاءِ زحمت بڻجي ويندي آھي . ھاڻوڪي برسات سبب گهرن ، فصلن جو وڏي پيماني تي نقصان جو انديشو آھي جڏھن تہ ڊريج سسٽم ناڪارہ ھجڻ ڪري گندو پاڻي گهرن توڙي گهٽين ۾ تلاءَ جي شڪل ۾ بيٺو آھي جنھن پ پ جي 15 سالن جي ڪارگردگي کي وائکو ڪر ڇڏيو آھي.










