دڙو (امداد ميمڻ) پ پ حڪومت سڄي سنڌ کي پوليس اسٽيٽ بنائي ڇڏيو آھي.سجاول پوليس سياسي ڪارڪنن جي گھرن ۾ ڌاڙيلن وانگر بنا جواز داخل ٿي چادر ۽ چوُديواري جو تقدس پائمال ڪري شرمناڪ عمل ڪيو آھي. اھا ڳالھ ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ٻنون ۽ دڙي ۾ صحافين سان ڳالھائيندي ڪئي. ھن چيو ته سجاول جي سي آءِ اي پوليس ۽ ميرپوربٺورو جي مقامي پوليس دھشت ۽ وحشيت جا سمورا ليڪا لتاڙي رات جي اونداھي ۾ ايس ٽي پي سجاول ضلعي جي صدر عبدالغني ملاح جي گھر تي ڌاڙيلن وانگر چڙھائي ڪري چادر ۽ چوُديواري جو تقدس پائمال ڪري انتھائي ڪريل حرڪت ڪئي آھي. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سجاول ضلعي اندر ان ڳالھ ۾ ڪوبه شق ناھي ته ميرپوربٺورو سميت ضلعي جي ھر ننڍي وڏي شھر ۽ ڳوٺ ۾ سي آئي اي پوليس جي انچارج مشتاق برھماڻي ۽ ان جي ڪرپٽ ٽيم جي سرپرستي ھيٺ منشيات، جوا، موتمار گٽڪي، سوپاري ۽ ٻين ڏوھن جو ڪاروبار ڪيتري وقت کان وٺي ھلي رھيو آھي. پوليس جي آشيرواد سان ھلندڙ مختلف ڏوھن ۽ مشيات خلاف آواز اٿاريندڙ ايس ٽي پي جي جاکوڙي عبدالغني ملاح کي حراسان ڪرڻ لاءِ سندس گھر تي چڙھائي ڪري عورتن ۽ ٻارن کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو. ھن وڌيڪ چيو ته جيڪڏھن عبدالغني ملاح جي گھر تي غيرقانوني طور تي چڙھائي ڪندڙ ڪرپٽ اھلڪارن خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي ته سڄي سنڌ ۾ سخت احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو.
عدليا جي آزادي لاءِ اهڙو نظام جوڙجي جيڪو فرد جو ماتحت نه هجي
شاهين جا 4 شڪار، نيوزيلينڊ کي 9 رنز تان شڪست سيريز برابر
فواد چوڌري جي پي ٽي آءِ ۾ واپسي جو امڪان
پرڏيهي شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ اسپيشل فورس ٺاهڻ جو فيصلو
منشيات فروشن خلاف ڇاپا، 2 جوابدار سڳ سوڌا گرفتار
آمريڪا ريڊ لائنز ڪراس نه ڪري، چين جو پيغام
اسيمبليءَ جي قيام سان پارلياماني جمهوريت جي شروعات ٿي
وزيراعظم سعودي عرب پهچي ويو، اهم شخصيتن سان ملاقاتون
تحريڪ انصاف وارا مس ڪال جو انتظار ڪن پيا،فيصل ڪريم
هارين جي شڪايت جو نوٽيس،ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو حڪم
هڪ مافيا نٿي چاهي ته ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم ٿين: ميئر
انٽرنيٽ ڪيبل ۾ خرابي، مختلف ملڪن ۾ سروس سست
جسٽس بابر آڊيو ليڪ ڪيس کان ڌار ٿئي، درخواست داخل
ملڪ ۾ روڊن ۽ فوٽ پاٿن تان حددخليون هٽائڻ جو حڪم
هارين جو پنجاب اسيمبلي آڏو احتجاج جو اعلان
عدالتي حڪم تي وزيراعليٰ هائوس ٻاهران رڪاوٽون ختم
محمود خان اچڪزئي جا گرفتاري وارنٽ معطل
اغوا جي وارداتن ۾ ملوث 4 اهلڪارن جي نوڪري چٽ
ملڪ جي مختلف شهرن ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي
مسافر ڪوچ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، پيءُ پٽ فوت