واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)واشنگٽن ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان جو چوڻ آهي ته موجوده حڪومت سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. سمپوزيم کي خطاب ڪندي مسعود خان چيو ته پاڪستاني اسٽارٽ اپ ۽ ٽيڪ سيڪٽر تيزي سان ترقي ڪري رهيا آهن. مسعود خان چيو ته پاڪستاني آمريڪين کي پاڪستان ۾ ڪاروبار دوست پاليسين مان فائدو کڻڻ گهرجي.هن چيو ته اسٽارٽ اپ ۽ ٽيڪنيڪل شعبي جي ترقي سان سيڙپڪاري جا بيشمار معاشي موقعا پيدا ٿيا آهن. پاڪستان جي سفير وڌيڪ چيو ته عالمي سيڙپڪار پاڪستاني اسٽارٽ اپس ڏانهن راغب ٿي رهيا آهن.










