ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) 10 سيپٽمبر 2022 جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته حڪومت برسات ۽ ٻوڏ متاثر شهرن مان پاڻي جي نيڪال لاءِ جنگي بنيادن تي قدم کڻي نارمل صورتحال کي بحال ڪري، متاثرين سيلاب جي مدد لاءِ اسڪول جي ٻارن جي قرباني ۽ ايثار جو جذبو ساراه جوڳو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن “ دي انسپائريشن اسڪول سسٽم” جي هيڊ آپا صفورا نعيم پاران برسات سٽيل متاثرين لاءِ 19 لک روپين جي امدادي چيڪ ڏيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي فصيح الرحمن، نديم قريشي سميت ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا محمد حسين محنتي وڌيڪ چيو ته دي انسپائريشن اسڪول سسٽم جي ٻارڙن پاران پنهنجي خرچي ٻوڏ جي متاثر ڀائرن لاءِ ڏيڻ جو جذبو قابل تعريف آهي، اهڙي عمل سان نئين نسل ۾ انساني همدردي ۽ حُب الوطني جو جذبو پيدا ٿئي ٿو، اڄ برسات ۽ ٻوڏ جي تباهي جي ڪري ڪروڙين پاڪستاني جنهن صورتحال مان گذري رهيا آهن انهن جي زخمن تي مرهم رکڻ سان گڏ زندگي جي ٻين شعبن سان گڏو گڏ اسڪولن جا معصوم ٻارڙا به پوئتي ناهن، ملڪ کي سياسي، معاشي ڌٻڻ مان ڪڍي صحيح سمت ۾ هلائڻ لاءِ نوجوان نسل مستقبل جي اميد آهي، ٻارن ۾ اسلام سان محبت ۽ حُب الوطني جو جذبو ان شاءَ الله هڪ ڏينهن ضرور رنگ لائيندو ۽ ملڪ ترقي ڪندو. ياد رهي ته انسپائريشن اسڪول جي ٻارڙن پاران ان کان اڳ ۾ به 4 لک روپين جو امدادي چيڪ الخدمت کي پيش ڪيو ويو هو .










