حمزه شهباز ڪڏهن به پنجاب جو چونڊيل وڏو وزير نه هو: اسد عمر

حمزه شهباز ڪڏهن به پنجاب جو چونڊيل وڏو وزير نه هو: اسد عمر

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته حمزه شهباز ڪڏهن به پنجاب جو چونڊيل وڏو وزير ناهي رهيو. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته سٺي ڳالهه آهي ته اسان جو موقف ۽ عوام جو موقف درست ثابت ٿيو آهي، پئسي جي سياست هميشه لاءِ دفن ٿي وئي آهي. اسد عمر چيو ته خوشي آهي ته پي ٽي آءِ اها جنگ وڙهي آهي، پنجاب ۾ اڄ تائين حڪومتي مشينري بي دردي سان استعمال ٿي رهي آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته ترقياتي ڪم غير قانوني طور ڪيا پيا وڃن، پنجاب جي ضمني چونڊن ۾ ن ليگ کي شڪست جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.اسد عمر چيو ته عدالت چيو ته اليڪشن کي متاثر ٿيڻ نه ڏنو ويندو، اميد آهي ته پنجاب حڪومت عدالتي فيصلي موجب هلندي.هن چيو ته چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته سياسي بحران جڏهن ان مرحلي تي پهچندو آهي ته عوام سان رابطو ڪيو ويندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو