اسلام آباد(بيورو)لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان حمزه شهباز جي پنجاب جي وڏي وزير طور قسم کڻڻ واري فيصلي خلاف فيصلي کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف نگران وڏي وزير جي چونڊ بابت مشاورتي اجلاس طلب ڪري ورتو. مسلم ليگ ن جي صدر ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ مشاورتي اجلاس ٿيو. ذريعن موجب اجلاس ۾ حمزه شهباز کي وڏو وزير چونڊڻ بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي غور ڪيو ويندو.










