لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز جي حلف برداري خلاف اپيل تي ٻڌڻي لاءِ فل بينچ جوڙي وئي آهي.پي ٽي آءِ ميمبرن حمزا شهباز کان حلف وٺڻ لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي نامزد ڪرڻ واري فيصلي کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.لاهور جي جسٽس ساجد محمود سيٺي چيف جسٽس کي فل بينچ ٺاهڻ جي سفارش ڪئي هئي.چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس امير ڀٽي جي سربراهي ۾ 5 رڪني فل بينچ جوڙي ڇڏي آهي، جنهن جي سربراهي جسٽس صداقت علي خان ڪندو.فل ڪورٽ بينچ ۾ جسٽس شاهد جميل خان، جسٽس شهرام سرور چوڌري، جسٽس ساجد محمود سيٺي ۽ جسٽس طارق سليم شيخ به شامل آهن.










