غزه(ويب ڊيسڪ)حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ عارضي جنگ بندي ۾ ٻن ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي.قطري پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب حماس ۽ اسرائيل جنگ بندي ۾ 2 ڏينهن جي واڌ تي اتفاق ڪيو آهي.قطر جو چوڻ آهي ته هو عارضي جنگبندي کي مستقل ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.حماس جنگ بندي جي ٻن ڏينهن جي توسيع جي تصديق ڪئي آهي.حماس موجب قطر ۽ مصر جنگ بندي ۾ ٻن ڏينهن جي واڌ تي اتفاق ڪيو آهي. حماس جو چوڻ آهي ته جنگبندي دوران وڌيڪ قيدين جي آزاديءَ لاءِ لسٽ تيار ڪئي وئي آهي، جنگ بندي ۾ ٻن ڏينهن جي توسيع جا شرط ساڳيا آهن، جيڪي اڳئين جنگبندي معاهدي تي ڪيا ويا هئا










