حماس(ويب ڊيسڪ) حماس گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران غزه لاءِ منظور ڪيل قرارداد ۽ ان جي تحت هڪ بين الاقوامي فوج مقرر ڪرڻ جي منصوبي کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو، چيو ته هي قرارداد فلسطيني عوام جي سياسي ۽ انساني مطالبن ۽ حقن کي پورو نٿو ڪري.حماس پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته قرارداد غزه تي هڪ بين الاقوامي سرپرستي لاڳو ڪري ٿي، جنهن کي اسان جا ماڻهو ۽ سڀئي مزاحمتي ڌڙا قبول نٿا ڪن.حماس جي مطابق، بين الاقوامي فوج کي غزه اندر آپريشن ڪرڻ جو اختيار ڏيڻ، خاص طور تي مزاحمتي ڌڙن کي غير مسلح ڪرڻ جو مطلب آهي ته هي قوت غير جانبدار نه رهندي پر قابض اسرائيلين جي حق ۾ هڪ ڌر بڻجي ويندي.










