ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سنڌ اسيمبلي حليم عادل شيخ جي گهر تي اينٽي انڪروچمينٽ فورس ڇاپو هنيو.جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو اڳواڻ حليم عادل ٻيو ڀيرو به گهر نه پهتو ته اينٽي انڪروچمينٽ فورس ڪيس ۾ نامزد حليم عادل جي ملازم کي گرفتار ڪري ورتو.اينٽي انڪروچمينٽ فورس جي اختيارين جو چوڻ آهي ته حليم عادل اينٽي انڪروچمينٽ ڪيس ۾ ضمانت ناهي ڪرائي،ان کان اڳ ڇنڇر جي رات پوليس حليم عادل جي گهر پهتي هئي ۽ ڪيس ۾ ضمانتي ڪاغذ ڏسڻ بعد واپس هلي وئي هئي.حليم عادل شيخ آصف زرداري تي دشمني جو الزام لڳايو، جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي ۽ ٻيا حليم عادل شيخ جي گهر پهچي ويا.علي زيدي چيو ته حڪومت ڇڪتاڻ واري حالت ۾ آهي، ڇاپن خلاف جتي به ٿي سگهي ڪارروائي ڪئي ويندي.هوڏانهن پي ٽي آءِ ڪارڪنن نيشنل اسٽيڊيم روڊ تي حليم عادل شيخ جي گهر تي پوليس جي ڇاپي خلاف احتجاج ڪيو ۽ سنڌ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي.










