حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) اسلام کي درپيش نظرياتيچيلنج ۽ اديبن جو ڪردار جي سري هيٺ هڪ گڏجاڻي رهبر ادبي سوسائٽي(راس) جي باني رڪن حڪيم عبداللطيف غوري جي صدارت هيٺ حيدرآباد جي ريسرچ اڪيڊمي ۾ ٿي گذري جنهن ۾ سموري سنڌ مان رسول بخش تميمي، ڊاڪٽر اشرف سمون،ڊاڪٽر شزادچنا،ڊاڪٽر الله بچايو ڪاڪا، ڊاڪٽر نصرالله لغاري، ڊاڪٽرهشام السعيد، مشتاق قمر ،لياقت علي جوڻيجو،علي دوست چانڊيو۽ ٻين اديبن، شاعرن ۽ دانشورن شرڪت ڪئي. حڪيم عبداللطيف غوري پنهنجي صدارتي خطاب ۾ چيو ته اسلام هڪ آفاقي دين آهي جنهن ۾ پينگهي کان قبر تائين زندگي گذارڻ جا سڀئي رهنما اصول ٻڌايا ويا آهن جڏهن ته ٻئي ڪنهن به مذهب ۾ اهڙي ڪا شيءِ ڪونه آهي، حق ۽ باطل جي جهيڙي ۾ سرخروئي هميشه حق جي ٿيندي آهي، حق جي پانڌيئڙن کي چيلنج هر دور ۾ رهيا آهن، پر ياد رکڻ گهرجي ته نظرياتي ۽ فڪري ڪم لاءِ پئسي توڙي مادي سهولتن جي نه بلڪه اخلاص ۽ جذبي جي ضرورت هوندي آهي .هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته بدقسمتي سان اڄ جي دور ۾ اديبن جي تعريف ئي ابتي ڪئي وئي آهي مطلب ته انهن جي نظر ۾ اديب اهو آهي جيڪو بي دين، خدا بيزار ۽ ڇڙواڳ ليکڪ هجي جڏهن ته نظرياتي رياست جو ادب به نظرياتي هئڻ گهرجي.پاڪستان هڪ نظريي جي بنياد تي ٺهيو جنهن ۾ ڪفر،الحاد ۽ ڇڙواڳي جي اجازت هرگز نٿي ڏيئي سگهجي.آخر ۾ هڪ ٺهراءُ ذريعي گهر ڪئي وئي ته سنڌي ٻولي سميت ڳالهائيون ويندڙ سڀني مادري ٻولين کي تحفظ ڏنو وڃي. ادبي ويهڪ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ مهيني يعني آڪٽوبر جي پهرين هفتي ڪراچي ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائي رح ۽ ٻئي مهيني وري شاه عنايت شهيد جي حوالي سان حيدرآباد ۾ سيمينار ڪوٺايو ويندو جنهن ۾ سڄي سنڌ جي اديبن کي ڪوٺ ڏني ويندي. اهڙي ريت هر مهيني اديبن جي ويهڪ ڪئي ويندي ان سلسلي ۾ هڪ رسالي ڪڍڻ ۽ باقاعده هڪ ادبي تنظيم جوڙڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو.#










